جان نثار خان

جان نثار خان: جان نثار خان جيدي، شاهجهان (1627-1658) جو وفادار ملازم هو. ديانت خان جي وفات کان پوءِ هيءُ احمد نگر جو قلعي دار مقرر ٿيو. کيس چاليهه هزار روپيا راهه خرچ جي مد ۾ مليا. هن کي پنج سئو منصب ۽ پنج سؤ سوار ڏيئي مکي جهنگل جو فوجدار مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ هيءُ سيوهڻ جو فوجدار مقرر ٿي آيو. جڏهن شاهي فوجن قنڌار واري قلعي تي چڙهائي ڪئي ۽ اوسي پاسي جا صوبيدار توڙي فوجدار پنهنجي سپاهه سميت مدد لاءِ اوڏانهن وڃي پهتا ته جان نثار خان به پنهنجي علائقي مان اوڏانهن ويو ۽ انهيءَ مهم جوئيءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين. هن کي سيوهڻ کان بکر موڪليو ويو، جتي يوسف محمد خان جي بدليءَ سبب پنهنجي عهدي تي فائز ٿيو ۽ انهيءَ سال ئي وفات ڪري ويو.



لفظ جان نثار خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو